ڪراچيءَ جي شيدي ميلي جو هڪ منظر

ڪراچيءَ جي شيدي ميلي جو هڪ منظر

شيدي ميلو ڪراچي

شيدي ميلو، ڪراچي: شيدين جو هي تاريخي ميلو، منگهي پير، ڪراچيءَ ۾ ان وقت کان لڳندو پيو اچي، جڏهن کان منگهي پير ۾ واڳون ظاهر ٿيا. هن ميلي جي ڪا به تاريخ مقرر نه آهي. بهار جي موسم شروع ٿيندي ئي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ شيدي قبيلي جا ماڻهو ميلي جون تياريون ڪرڻ لڳندا آهن. هي ميلو پندرهن کان ويهن ڏينهن تائين جاري رهندو آهي. ميلي جو افتتاح درگاهه تي چادر چاڙهي ڪيو ويندو آهي. هن ميلي جي اهم رسم ٽڪو ۽ ڌمال آهي، جيڪا چئن ڏينهن تائين جاري رهندي آهي. هن ميلي ۾ شيدين جا چار وڏا قبيلا کارادري، لاسي، حيدرآبادي ۽ ٻيلار شريڪ ٿيندا آهن. هن ميلي جو انتظام
آل پاڪستان شيدي ڪميونٽيءَ پاران ڪيو ويندو آهي. ميلي ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هوندو آهي ته هو بابا فريد شڪرگنج پتڻ واري جا مريد آهن ۽ واڳون سندس ڪرامتن جي ڪري نروار ٿيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو